راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ سڱاوتي تڪرار جو راڄوڻي نبيرو، هڪ ڌر مٿان 15 لک ڏنڊ، ان ڏس ۾  يوسي ٻليدائي جي کوسا ڌر جي عبدالقيوم کوسو،علي نواز کوسو ۽ ٻي ڌر جي اسحاق ڏيپر ۽ خالد ڏيپر وچ ۾ سڱاوتي تڪرار جو نبيرو پ پ ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنھن ۾ ڌرين جي چڱن ڪمال خان ڏيپر، انجينئر رياض کوسو، ڊاڪٽر امام دين کوسو، غلام مرتضيٰ ڳورڙ سميت ٻين جي موجودگي ۾ ڏيپرن مٿان  ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 15 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد ڌرين ڌريون کيرکنڊ ٿي ويون.