جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي فوجي ڦاٽڪ وٽ ھٿياربندن سبزي منڊي ويندڙ شاهن لُهر ۽ علي گوهر بروهي کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هٿياربندن شاهن لُهر کي گوليون هڻي قتل ڪري مقتول جي موٽرسائيڪل ۽ علي گوهر بروهي کان 30 هزار روڪ ڦري فرار ٿي ويا. مولاداد ۽ صدر پوليس حدبندي تڪرار سبب واردات واري هنڌ نه پهتي،  ڳوٺاڻن لوڊر رڪشا تي لاش کڻائي اسپتال پهچايو. اطلاع تي مقتول جا وارث به سول اسپتال پهتا، لاش ضروري ڪارروائي بعد کڻائي ويا. علي گوهر بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دوداپور کان سبزي منڊي اچي رهيا هئاسين ته 3 هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري شاهن لُهر کي قتل ڪري مون کان 30 هزار ڦري ويا. وارثن سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ نيشنل هاءِ وي تي فوجي ڦاٽڪ وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.  ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته جيڪب آباد ۾ ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن سبب شهري ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن، ڦر ۽ ڌاڙي جون وارداتون وڌي ويون آهن، پوليس خاموش آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.