ڪنب (ن پ ا) ٺري ميرواهه جي ڳوٺ گلاب جسڪاڻي لڳ پنج سال اڳ گهر کي باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان شوڪت علي شنباڻي ڪنب پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته پنج سال اڳ گهر کي باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي پيو هيس. هن چيو ته گهر ۾ پيل سمورو سامان الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، مناسب علاج نه ٿيڻ ڪري تڪليف ۾ آھيان، پيءُ ماءُ فوت ٿي چڪا آھن، ننڍڙا ڀائر آھن، هن چيو ته اجهو ناهي، ڪکائون ڇپرو آھي، هن مهل تائين ڪنهن به مدد ناهي ڪئي، هن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ دل ۾ درد کندڙ ساڃاه وندن کان مدد جي اپيل ڪئي.