احمدپور (ن پ ا) ڳوٺ جھلوجي ۾ جوابدارن منٺار ميتلو جي کجين جا ٻھارا ڪٽي اڇلائي فرار ٿي ويا. وڏا ماڇيون ٿاڻي تي 6 جوابدارن محمدبخش ميتلو، خالد ميتلو ،راھب، راجا، شير ميتلو، پرويز، اويس ميتلو تي اين سي داخل ڪئي وئي. منٺار ميتلو، محراب ميتلو، حنيف ميتلو، حيدربخش، شير ميتلو، مختيار ميتلو احتجاج ڪندي چيو ته جوابدارن کجين جا ٻھارا ڪٽي ھزارن جو نقصان ڪيو آھي، بااثر جوابدار نتيجا ڀوڳڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن.