نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو نوجوان شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ خدابخش ملاح جي سامھون ھالا برانچ شاخ ۾ وھنجندي 21 ورهين جو عبدالمجيد پٽ عثمان ڀاڻوجو ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي سندس وارثن مقامي ٽوٻن جي مدد سان 2 ڪلاڪن جي مسلسل جدوجھد بعد لاش ھٿ ڪري تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس موت جي تصديق بعد اباڻي ڳوٺ ڪوڏ ڀاڻوجو کڻائي ويا. لاش جڏھن گھر پهتو ته ڪھرام مچي ويو. سندس وارث اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري روئندا رھيا کيس اباڻي قبرستان ڪوڏ ڀاڻوجا ۾ دفنايو ويو.