لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو درگاهه حاڪم علي شاھ پٽ واري علائقي ۾ ڪڻڪ جي فصل جي ورهاست دوران زميندار ۽ هارين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب زميندار غلام حيدر مگسي، محمد علي، جبار ۽ اياز مگسي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو.