سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ لڳ لڪي شاهه صدر وٽ انڊس ھاء وي تي ڪراچي کان ڀان سيدآباد ويندڙ تيزرفتار الٽو ڪار سامهون ايندڙ ٽرڪ کان پاڻ بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀان سيدآباد جو سينيئر صحافي ۽ نجي ٽي وي جو رپورٽر پرديپ ڪمار، سندس زال ۽ 4 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ پرديپ ڪمار سندس گهر واري شريمتي پشپا, 13 ورھين جو پٽ اوم, 9 ورھين جو پريت, 8 ورھين جو ڪشنات ۽ 5 سالن جي معصوم ڌيء جيا شامل آهن جن کي سيوھڻ اسپتال جي ايمبولينس حادثي واري ھنڌ تان کڻي سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو ۽ جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم کين طبي امداد فراھم ڪئي انسٽيٽوٽ جي ميڊيڪل آفيسر پاران صحافي پرديپ ڪمار ۽ ھڪ پٽ اوم جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏني آهي ۽ پرديپ ڪمار کي سيوھڻ جي اسپتال جي انتھائي نگھداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ سندس پٽ اوم کي وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.