شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو جي ڪفالت سينٽر تان مستحق عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي بند نه ٿي سگھي آهي. وظيفو وٺڻ لاءِ آيل عورت شريمتي ڪويتا پسئن مان پنج سو رپيا ڪٽوتي جي شڪايت کڻي ٿاڻي تي پهتي، پوليس عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪندي ڊوائيس هولڊر عظيم وساڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڇڏيو.