ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي لڳ زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ امڪاني ڏيڻ جي اطلاع تي هزارين علائقي واسي پهچي ويا، سخت مزاحمت، ڇڪتاڻ، پوليس ۽ انتظاميا واپس، سخت ڇڪتاڻ، پڪٽ قائم، خبر موجب ايل بي او ڊي سم نالي کي امڪاني ڪٽ ڏيڻ لاءِ بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي پوليس موبائيلن ۽ بڪتر بند گاڏين ۾ سوار ٿي زيرو پوائنٽ تي پهتي ته کڙڪ پوڻ تي هزارين علائقي واسي پهچي ويا، جن سخت مزاحمت ڪندي انتظاميا کي ڪٽ ڏيڻ کان روڪي ورتو، اهڙي صورتحال سبب سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي ۽ ڊي سي بدين زيرو پوائنٽ جي امڪاني ڪٽ واري هنڌ کان هڪ ڪلو ميٽر پري بيٺل رهيا، علائقي واسين جي سخت مزاحمت بعد انتظاميا ۽ پوليس ڪٽ ڏيڻ بنا واپس موٽي وئي، جڏهن ته پوليس زيرو پوائنٽ واري روڊ تي پڪٽ قائم ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي روڪڻ شروع ڪيو، مقامي ماڻهن سليم جوڻيجو، بابو جان لنڊ، وسايو مورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، هنن چيو ته اڳيان پاڻي جو رستو نه آهي، ڪٽ ڏيڻ سان هڪ لک ماڻهو، سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل متاثر ٿيندا، هنن چيو ته اهڙو عمل اسان سان آبي دهشتگردي هوندو، هنن چيو ته زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڪنهن به صورت ۾ ڏيڻ نه ڏينداسين، چاهي جانين جي قرباني ڇو نه ڏيڻي پئي،