ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ ڳوٺ محمد بخش وساڻ جو رهواسي ڳوٺاڻو علي رضا وساڻ برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، 15 ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته 50 سالن جو علي رضا وساڻ گهرڀاتين لاءِ کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتو ته برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو. ڳوٺاڻن 15 ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش پاڻيءَ مان ڪڍي گهر پهچايو ته ڪهرام مچي ويو. واضح رهي ته ڳوٺ محمد بخش وساڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ 7 کان 8 فٽن تائين پاڻي بيٺل آھي ۽ انتظاميا ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪابه عملي اڳڀرائي نه ڪئي آهي، جنهن سبب علائقي واسين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن.