دبئي (انٽرسٽنگ نيوز) دبئي ۾ هڪ مون لگزري هوٽل تعمير ڪيو ويندو، جنهن جي ڊزائين حيران ڪندڙ هوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب دبئي ۾ چنڊ جي شڪل جو لگزري هوٽل تعمير ڪيو ويندو، ان هوٽل جي تعمير ڪينيڊا جي هڪ ڪمپني حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪا مون ورلڊ ريزورٽ نالي عمارت کي 48 مهينن ۾ يعني 4 سالن ۾ تعمير ڪندي، ان جي مجموعي اوچائي 735 فوٽ هوندي. مون ورلڊ ريزورٽ ۾ ساليانو هڪ ڪروڙ ماڻهو رهي سگهندا. ميڊيا رپورٽن موجب مون ورلڊ ريزورٽ کي ٺاهڻ جو مقصد هوٽل ۾ ايندڙ سياحن کي زمين تي ئي سستي خلائي سياحت جو تجربو فراهم ڪرڻ آهي. مون ورلڊ ريزورٽس جي بانيڪارن مان هڪ مائيڪل آر هينڊرسن چيو ته هي هوٽل خطي ۾ جديد دور جو سڀ کان وڏو ۽ ڪامياب ترين سياحتي منصوبو هوندو.