ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ڊکڻ بنگلو وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڳوٺ لکمير جکراڻي واسي موٽرسائيڪل سائيڪل سوار 4 پورھيت  زخمي ٿي پيا،عبيد الله جکراڻي ۽ جبار جکراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيميار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ 2 ڄڻن حيدر علي جکراڻي، الڻ جکراڻي کي ڪشمور جي خانگي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي حادثي جا زخمي ڪشمور جي الشھباز رائيس مل تان مزدوري ڪري پنهنجي ڳوٺ واپس وڃي رهيا هئا ته ڊکڻ بنگلو ڀرسان نامعلوم ٽرالر سان ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي موٽرسائيڪل سوار 4 ڄڻا زخمي ٿيا نامعلوم ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو .