ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر پوليس ملڪ لاڙو وٽان 10 لک انعام يافته ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي  دعويٰ ڪئي وئي آهي. دراني مهر پوليس موجب 10 لک انعام يافته ڏوهاري پياري عرف پيارو نندواڻي کي ملڪ لاڙو وٽان چيڪنگ دوران گرفتار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته انعام يافته ڏوهاري مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن. هوڏانهن ڏوهاري کان متاثر ٿيل الله ڏنو نندواڻي جو چوڻ هو ته 10 لک انعام يافتا ڏوهاري ڌاڙي دوران مزاحمت تي اسان جي شير باز نندواڻي کي زخمي ڪيو هو، پوليس ڏوهاري کي گرفتار ڪري علائقي ۾ امن و امان بحال ڪرايو آهي هن چيو ته ڏوهاري مسلسل ڌمڪيون به ڏيندو رهيو جنهن کان جان کي خطرو هو .