ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ هندو برادري پنهنجو مذهبي تهوار “ٿڌڙي” 29 آگسٽ 2021 تي  اڄ آچر ڏينهن ملهائي رهي آهي، ان ڏينهن گهرن ۾ چلهه نه ٻاري ويندي ۽ رات جو پچايل کاڌو ۽ گهرن ۾ ٺاهيل مٺايون هڪٻئي کي کارايو وينديون، جڏھن ته ڪالھه گھرن ۾ ھڪ ڏينھن اڳ مختلف مٺايون، لولا ،پاپڙ، ميدي جا کاکر سميت ڪيئي طعام پچايا ويا، جيڪي اڄ کاڌا ويندا ۽ پاڙي وارن ۾ پڻ ورھايا ويندا، جڏهن ته گهرن توڙي مندرن ۾ پوڄاپاٺ ڪئي ويندي. ان موقعي تي سنڌ ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ پڻ خاص پراٿنائون ڪيو وينديون. هوڏانهن 30 آگسٽ سومر ڏينهن شري ڪرشن ڀڳوان جو جنم ڏينهن “ڪرشن جنم اشٽمي” ڪانوڙو ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو.