جھول (ن پ ا) جھول ويجهو نوجوان گھرو مسئلن سبب ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ حسين بخش  لغاري جي رھواسي نوجوان هرچند ڪولهي گهرو اڻبڻت تان گھر ڀاتين جي سمھڻ کانپوءِ گهر اندر بيٺل وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، صبح سوير وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي مائٽن جھول پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش وڻ مان لھرائي رورل هيلٿ سينٽر جھول آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.