ڪشمور: ملڪ لاڙي وٽ خوفناڪ حادثو، 2 عورتون فوت، 2 زخمي

0
392

ڪشمور (ن پ ا) ڪشمور ۾ ملڪ لاڙي وٽ ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب 2 عورتون فوت ٿي ويون، حادثي جي نتيجي ۾ مسمات ملوڪ زادي جکراڻي ۽ حسنه جکراڻي فوت ٿي ويون، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ لال محمد ۽ اياز جکراڻي شامل آهن، پوليس ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور کي هٿ نه ڪري سگهي، فوتي عورتن جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو.