گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪالو خان سانگي ۾ جوابدار علي سانگي پنهنجي والده منشا سانگي کي باهه ڏئي مارڻ جي شڪ جي الزام ھيٺ پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي سئوٽ سڪيلڌي سانگي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو. زخمي نوجوان سڪيلڌي سانگي کي علاج لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو، جتان حالت نازڪ هجڻ سبب سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو اطلاع تي مختلف ٿاڻن جي پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ ڪالو سانگي پهچي گهر تي ڪڙو چاڙهي پر جوابدار فرار ٿي ويو. واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ ڳوٺ ڪالو سانگي ۾ ڪمري ۾ مبينا طور بيٽري ڦاٽڻ سبب عورت منشا سانگي سڙي فوت ٿي وئي هئي ،فوتڻ عورت جي پٽ علي سانگي جو شڪ هو ته هن جي والده کي سئوٽ سڪيلڌي سانگي باهه ڏئي ماريو آهي