ڪراچي(نمائندن وٽان) احساس سينٽرن تي بدنظمي، عورتن جي پيهه سبب ايس او پيز مڪمل طور نظرانداز، مستحق عورتن جي پئسن مان 5 کان 15 سو تائين ڪٽوتي هلندڙ، قاضي احمد ۾ 3 ايجنٽ ڪٽوتي الزام ۾ گرفتار، سرڪاري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي قسط وصول ڪرڻ لاءِ ايندڙ مستحق عورتن کي ايجنٽ مافيا ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن. عورتن جو چوڻ آهي ته حيسڪو گرائونڊ ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر ۾ رقم عيوض 500 کان 1000 رپين جي ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن عثمان شاھ ھڙي ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تان وظيفو حاصل ڪندڙ عورتن جو چوڻ آهي ته اسان جي رقم مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. ٻئي طرف گهوٽڪي جي ڊي سي هاءِ اسڪول ۽ رحموالي مڊل اسڪول ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تي آيل مستحق عورتن صحافين آڏو ڪٽوتي جون دانهون ڪيون، هوڏانهن ڪوٽڏيجي ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي ڪٽوتي واريون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر سينٽر تي پهچي ڊوائيس هولڊرن کي وارننگ ڏني وئي. ٻئي طرف شادي لارج ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن بشرا بيبي، فاطمه فرزانه احتجاجي ڪندي چيو ته پوليس سرپرستي ۾ ايجنٽ هزار وپيا رشوت وٺن ٿا. هوڏانهن قاضي احمد ۾ مستحق عورتن جي آيل رقم مان ڪٽوتي خلاف ڊي سي بينظيرآباد نوٽيس ورتو. اي سي قاضي احمد کي ملوث ايجنٽن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اي سي مستحق عورتن جي شڪايتن ۽ نشاندھي تي ٽن ڄڻن غلام سرور عمراڻي، غوث بخش ۽ ارباب ملاح گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. گرفتار ڪيل ٽنھي ڄڻن خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف ميرپورساڪرو ۾ايس ايچ او پوليس اھلڪار ايجنٽ ڪٽوتي واري رقم مان حصو وٺڻ لڳا. غريب عورتن جي دانھون ڪرڻ باوجود ڪو به کڙتيل نه نڪتو. هوڏانهن شادي لارج ۾ ايجنٽ مافيا سرگرم نظر آئي، ڪٽوتي جي شڪايتن جو ازالو نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف اسلام ڪوٽاحساس ڪفالت سينٽر تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڇاپي دوران ننگرپارڪر جي ڳوٺ دوٻهار واسي مستحق عورت مٿري زال نندو کان سينٽر تي وظيفي واري قسط مان هڪ هزار روپيا ڪٽوتي پڪڙجي پئي، دليپ نالي ڊوائيس مالڪ جي ڊوائيس ضبط ڪري ڇڏي، جنهن بعد ڊوائيس مالڪن ٻئي احساس ڪفالت وارا سينٽر بند ڪري ڇڏيا. وظيفو وٺڻ آيل سوين عورتون دربدر ٿي ويون.هوڏانهن ٺٽي جي 30 احساس ڪفالت مرڪزن مان ضلعي جي 67 هزار غريب ۽ مستحق عورتن کي ملندڙ 12 هزار جي رقم مان مختلف ايجنٽ مافيائن ذريعي هڪ هزار کان 15 سئو تائين جي ڪٽوتيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي . ان ڏس ۾ “روزاني پنهنجي” اخبار جي ورتل جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ضلعي ۾ بينظير سپورٽ پروگرام هيٺ هلندڙ احساس ڪفالت پروگرام جي 67 هزار مستحق عورتن جي معاشي حالتن ۾ بهتري آڻڻ جي نالي تي في عورت کي 12 هزار روپين جي رقم جي ادائگي وارو عمل شروع ڪيو ويو. معلوم ٿيو آهي ته معلوم ٿيو آهي ته احساس ڪفالت جي رقم جي ورهاست شروع ٿيندي ئي ڊيوائسز ذريعي وڏي پئماني تي رقم ڏيندڙن (ريٽيلرن) ايجنٽ مافيائن سان ملي ڀڳت ڪري في عورت جي رقم مان هڪ هزار کان 15 سئو تائين جي ڪٽوتي معمول بڻائي عورتن کي گھربل 12 هزار ڏيڻ بدران ساڍا 10 کان 11 هزار تائين رقم جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ حمل ڪلوئي ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق عورتن کي ملندڙ رقم مان ايجنٽن پاران هڪ هزار رپين کان 2 هزار رپين تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ڄام صاحب ۾ احساس سينٽر تي عورتن جي رش سبب ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو. وظيفو وٺڻ لاءِ آيل پيرسن عورت حليمان، مسمات زرينه، مسمات جميلان ۽ ٻين دانهيندي چيو ته قسط مان ايجنٽ 5 سو رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ٺل جي احساس ڪفالت سينٽرن تي انتظاميا نه ڪٽوتي بند ڪرائي سگهي آهي، نه ئي ايس او پيز تي عمل ٿي سگهيو آهي، ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول سينٽرن تي عورتن کي نٽھڻ اس تي بيهاريو ويو، جنهن دوران بيمار عورت بي هوش ٿي وئي، بعد ۾ کيس هوش ۾ آندو ويو. ٻئي طرف ٽنڊي آدم تعلقي ۾ هزارين مستحق عورتن لاءِ احساس صرف 3 سينٽر قائم ڪيا ويا، سينٽرن تي پيهه سبب ايس او پيز تي عمل نه ٿي سگهيو. سينٽرن تي موجود عورتن رشيده، حور، جمني، موران ۽ ٻين دانهيو ته هتي فرنچائز وارا ايجنٽن معرفت 300 کان 1000 تائين رقم جي ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. هوڏانهن غوثپور شهر جي احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن جي وظيفي واري رقم مان ڪٽوتي وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، رقم مان ڪٽوتي واريون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي احساس ڪفالت سينٽر تي پهتو، ان موقعي تي مستحق عورتن يامت خاتون، نظيران ۽ ٻين پاران ڊي سي اڳيان احتجاج ڪري رقم مان ڪٽوتي جون شڪايتون ڪيون، ان موقعي تي ڊي سي ايجنٽ مافيا ۽ ٻئي عملي کي ڇنڊ پٽيندي ايس ايڇ او کي پابند بڻايو ته غيرقانوني طور ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي طرف عمرڪوٽ شهر ۾ ست ڪفالت سينٽرن جي بجاءِ هڪ مونوٽيڪنيڪل سينٽر مستحق عورتن کي احساس ڪفالت پروگرام جا پئسا ڏيڻ لڳو، احساس ڪفالت جا 6 سينٽر بند پيل گذريل پنج ڏينهن کان مونوٽيڪنيڪل سينٽر تي مستحق عورتن جي پيهه هجڻ سبب ايس او پيز نظرانداز جڏهن ته عمرڪوٽ پوليس ۽ ايجنٽ مافيا سرگرم مستحق عورتن جي لاءِ آيل 12 هزار رپين مان هڪ ھزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ وارو عمل جاري آهي. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ جي مختلف احساس ڪفالت سينٽرن ۾ غريبن جا پئسا ڪٽوتي ٿيڻ معمول بڻيل آهي پر ضلعي انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه وٺي سگهي آهي، ان حوالي سان عورتن نوربانو، نوشين ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ايجنٽ رقم مان 1000 رپيا غيرقانوني ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف ميرپور ٻرڙو ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي ايجنٽ مافيا 5 سئو کان هڪ هزار رپين تائين مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته امداد لاءِ ايندڙ مستحق عورتن جي تذليل ڪري کين ڌڪا ڏئي کليل آسمان هيٺ نٽهڻ اس ۾ بيهاريو پيو وڃي.