حيدرآباد/ورڪشاپ (نمائندا) حيدرآباد ۾ سانگھڙ واسي نوجوان ڏنڊا هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن لاش روڊ تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڏنڊا هڻي 41 ورهين جي هڪ نوجوان کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ مرڻينگ حالت ۾ کيس بلديا ٿاڻي جي حد ۾ درگاهه محمود الوري ڀرسان ڏيپلائي ميمڻ روڊ وٽ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. گذريل رات دير سان نوجوان کي مرڻينگ حالت ۾ ڏسي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڪيو. بلديا پوليس نوجوان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. بعد ۾ مقتول جي سڃاڻپ 41 سالن جي شاهنواز پٽ جمون سومرو جي نالي سان ٿي، جيڪو سانگهڙ جي ڳوٺ ورڪشاپ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. پوليس موجب مقتول نوجوان ٽنڊو ڄام جي هڪ اسڪول ۾ نوڪري به ڪندو هو. اطلاع تي نوجوان جا وارث اسپتال پهتا ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان جي جسم تي سخت تشدد جا نشان آهن. سندس دماغ ۽ اک مٿان نرڙ تي ڪنهن اوزار سان ڌڪن جا نشان محسوس ٿين ٿا جڏهن ته هن جي چيلهه تي به ان ئي اوزار جا نشان هئا. بلديا پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو پر واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. پوليس کي خدشو آهي ته نوجوان کي دشمني جي بنياد تي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس اهو به خدشو ڏيکاريو آهي ته نوجوان کي ڌڪ هڻي ڪنهن ٻئي هنڌ مرڻينگ ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کيس راجپوتانه اسپتال وٽ درگاهه محمود الوري ڀرسان روڊ وٽ ڦٽو ڪيو ويو. اطلاع آهن ته ساڻس گڏجي ويل دوست رمضان آرادين کي بلديا ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو. جڏھن ته ساڻن گڏجي ويل ٽيڪسي ڊئيوار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.مقتول جي ڀاءُ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسانجي ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪانهي. ڀاءُ کي وڏي بيدردي سان مٿي ۾ ڏنڊا ھڻي قتل ڪيو ويو آھي، اسانجي آءِ جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد کي اپيل آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي علائقي ۾ اھي چوٻول ھلندڙ آھن ته قتل ٿي ويل نوجوان ڪافي عرصي کان ڪنهن عورت سان فون تي ڳالهائيندو ھو ۽ انهي عورت کيس ملڻ لاءِ گهرايو، جتي ساڻس اھو واقعو پيش آيو. ھڪ ڏينهن اڳ نوجوان ورڪشاپ مان دوست سان گڏجي ٽيڪسي ڪرائي تي ڪري حيدرآباد لاءِ نڪتو ھو، جتي هن دوست ۽ ڪار ڊائيور کي عسڪري پٽرول پمپ تي اھو چئي ڇڏيوو ته ڪجھه دير ۾ گهٽي مان ٿي اچان ٿو، منهنجو انتظار ڪجو، ڪيتري ئي دير تائين سندس انتظار ڪيو ويو ۽ دوست کيس فون ڪندا رھيا ڪافي دير کانپو بلديا ٿاڻي جي پوليس اھلڪارن نوجوان جو فون رسيو ڪيو جن کين ٻڌايو ته شاھنواز قتل ٿي چڪو آھي.