ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور انتظاميا جي برسات پت وائکي ڪري ڇڏي، مسلم بازار، علمدار چوڪ، پوسٽ آفيس روڊ انڊس هاءِ وي تي 2 فوٽ پاڻي بيھجي ويو. شھرين نور دين جکراڻي، محبوب شر ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڪجهه منٽن جي برسات  شھر ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ٿي، پاڻي دڪانن اندر ڪاھي پوي ٿو. شھرين گھر ڪئي ته نوٽيس وٺي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ته جيئن برساتي مند ۾ شھري مالي نقصان سميت تڪليفن کان بچي سگهن.