لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي لهر ڪالوني جي رهواسڻ غلام فاطمه احتجاج ڪندي چيو ته مڙس اسحاق چانڊيو ٻي شادي ڪري مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. ٻارن سان گڏمسواڙ جي گهر ۾ رهان ٿي، پئسا نه ڏيڻ تي جڳهه مالڪ اٿاري ڇڏيو آهي.  مڙس اسحاق چانڊيو هر مهيني گهر جو چرخو هلائڻ لاءِ خرچ ڏيندو هو، 7مهينن کان خرچ بند ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.