نئون دمبالو (ن پ ا ) نئون دمبالو تلھار واسي ناري مسڪان مذھب مٽائي مسلمان ٿي وئي آهي. پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي هن ٻڌايو ته آئون عيسائي مذھب ڇڏي مسلمان ٿي آھيان ۽ ھاڻي منھنجو نالو  نور بيبي رکيو ويو آھي ھن چيو ته مون اسلام  پير ايوب جان سرهندي وٽ قبول ڪيو آھي  جنهن بعد دين محمدي مطابق رضا خوشي سان  پاڙي ۾ رھندڙ آصف علي چانڊيو سان گھران نڪري نڪاح ڪيو آھي هاڻي منهنجا والدين ۽ ويجها عزيز مون کي ۽ منهنجي مڙس ۽ سندس گھر ڀاتين کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن جنهن سبب اسين خوف وگھي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھيون. اسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعلي’ سنڌ آئي جي سنڌ  ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.