ممبئي (شوبز نيوز): اداڪارن کي لگزري لائف اسٽائل جو نمائندو سمجهيو ويندو آهي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم اچڻ کانپوءِ اڪثر انهن ثابت به ڪيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته لگزري لائف اسٽائل جا عادي اهي اداڪار عام ماڻهن ۾ نظر ايندا آهن. تازو بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ کيس جهاز جي اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، وڊيو ۾ اداڪارا مسافرن جي وچ مان گذري پنهنجي سيٽ تي ويندي نظر اچي رهي آهي. اهو پهريون موقعو ناهي جو ڪنهن ڀارتي اداڪارا سفر لاءِ اڪانومي ڪلاس جي چونڊ ڪئي هجي، اڳ کان اڳ ڪترينا ڪيف به پنهنجي مڙس وڪي ڪوشل سان گڏ اڪانومي ڪلاس ۾ نظر آئي هئي.