پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ۾ شاھ سچل سامي سماجي ثقافتي سنگت پاران عمير شادي ۾ مزاحيه اسٽيج ناٽڪ برائيٽ فيوچر پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ريڊيو ٽي وي جي مشهور اداڪارن  اداڪاري جا جوهر ڏيکاري ويٺلن کان خوب داد حاصل ڪيو ان موقعي تي اداڪارن جو چوڻ هو ته معاشري اندر هر روز عجيب قسم جا واقعا  تيزيءَ سان جنم وٺي رهيا آهن جتي سچ چوڻ جي گنجائش گهٽ ٿي وئي آهي موبائيل فون جو غلط استعمال ٿيڻ ڪري اڪثر نوجوانن جو تعلیم تان ڌيان گهٽجي ويو آهي جنهن ڪري نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون غلط رستي تي اچي پاڻ کي ۽ گهرڀاتين کي ڏکائين وجهي ڇڏين ٿا جنهن ڪري سندن زندگي تباھ وڃي ٿي هن ڊرامي ۾ معاشري جي عڪاسي ڪئي آهي  تنهنڪري پنهنجي اولاد تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن سندن بهتر مستقبل ٿي سگهي. مزاحيه اسٽيج ناٽڪ برائيٽ فيوچر ڊرامي جي تحرير سيد اڪبر شاھ ڏني جنهن ۾ مشورو ريڊيو ۽ ٽي وي جي اداڪارن اختر کوکر، رمشا شهزادي، سيد نور النبي شاھ، مير صوبدار سعيد، عطا قاضي، قاضي سرفراز، صفدر ڀٽي، فهيم يحي ڀٽو، سانول ڳاهو ۽ ٻين اداڪارن حصو ورتو. جڏهن ته ڊرامي ۾ شهرين جي سماجي اڳواڻن جان محمد مڱريو، فهيم عباس منگي، غلام نبي مهر، ٽوپڻ داس، شمس الدين لاڙڪ، نسيم ڪانهر سميت شهرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.