ممبئي (شوبز نيوز): بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ڪترينا ڪيف عيد جي موقعي تي پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون، جن جي انٽرنيٽ تي هاڪ ٿي وئي. اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام تي مداحن کي عيد جي مبارڪ ڏني ۽ گڏ پنهنجون ڪجهه نيون تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ هوءَ عيد جي روايتي لباس ۾ ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي آهي. تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا سونهري رنگ جو لباس پاتو آهي، کيس مناسب زيور به پاتل آهن ۽ سندس وار کليل آهن.ڪترينا جيئن ئي پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون ته مداحن تبصري کانسواءِ نه رهي سگهيا ۽ هر طرف واهه واهه ٿي وئي.