لاهور (شوبز نيوز): ناليواري اداڪارا ۽ ميزبان عائشا عمر چيو آهي ته مان شادي کانپوءِ 10 سالن تائين اداڪاري نه ڪنديس. عائشا عمر عيد اسپيشل ٽرانسميشن ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته مان شادي کانپوءِ 10 سالن تائين اداڪاري نه ڪنديس. هن چيو اهو انڪري نه ته مون کي مڙس روڪيندو پر مان هڪ زال هجڻ جي حيثيت سان پاڻ اهو فيصلو ڪنديس، ان دوران مان ڪجهه به ڪري سگهان ٿي، مثال طور گلوڪاري يا پينٽنگ وغيرا پر 14 ڪلاڪن جي اداڪاري جي شفٽ نه ڪنديس.