جهول (اسپورٽس نيوز): اسپورٽس ڪامپليڪس ٽنڊو آدم ۾ عيدالفطر جي حوالي سان ٿيل دوستاڻو فٽبال ميچ الفريد فٽبال ڪلب ٽنڊوآدم  کٽي ورتي، خبر موجب عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ الفريد فٽبال ڪلب ۽ حيدرآباد ڪلب جي ٽيمن وچ ۾  عيد الفطر جي خوشي ۾ دوستاڻي ميچ ٿي  جيڪا الفريد فٽبال ڪلب 07 گول ڪري کٽي،  حيدرآباد ڪلب شڪست ملي  ميچ جي مھمانن محمد آدم قريشي، پروفيسر خالد منير، صمد بلوچ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر شھيد بينظير آباد عبدالرحيم راجپوت، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر سانگھڙ مس ڪائنات قمر  کٽيندڙ ۽ ھارائيندڙ ٽيمن جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا جڏھن ميچ جي آرگنائيزرن  عبدالرحيم راجپوت ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر شھيد بينظير آباد بين الاقوامي رانديگر شاھد راڻا، قومي رانديگر راڻا ظاھر آيل مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا  جڏھن ته  ميچ جي ريفري جا فرض  ڪواليفائيڊ ريفري محمد وقاص سرانجام ڏنا.