راولپنڊي (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پنڊي جي وڪيٽ 180 رنسون عام ڳالهه آهي، افتخار ۽ محمد رضوان جي اننگز کانپوءِ 200 جو سوچي رهيو هئس. نيوزيلينڊ هٿان پنجين ميچ ۾ شڪست ۽ سيريز برابر ٿيڻ بعد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي بابر اعظم چيو ته بالنگ ۾ شروعاتي ڏهه اورر سٺو کيڏياسين پر ان کانپوءِ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سهگياسين، ڪنهن کي به شڪست جو ذميوار قرار نه ڏيندس، ڇاڪاڻ جو ٽيم کٽندي آهي ۽ ٽيم ئي هارائيندي آهي. بابر اعظم چيو ته ون ڊي سيريز ۾ ٻن ڏينهن جو وقفو آهي، جنهن لاءِ تياريون ڪري رهيا آهيون. نيوزيلينڊ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته هڪ ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.