ڪرونڊي (ن پ ا )ڪرونڊي ڀرسان ڳوٺاڻن فيض گنج واهه ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ڇپايل ڪتاب لڙھندي ڏسي واهه مان ڪتاب ڪڍيا، ڳوٺاڻن ياور حسين ۽ ٻين چيو ته خبر ناهي ڪتاب الائي ڪنهن واهه ۾ لوڙھيا آھن، جن ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين درجي جا اردو، انگريزي، سنڌي ۽ عربي جا ڪتاب شامل آهن، اسان ڪجهه ڪتاب ڪڍيا، ڪجهه واهه ۾ لڙھي ويا آھن. هنن موجب ڪتابن سان گڏ ڪجهه سوالي پرچا ۽ ٻيا ڪاغذ پڻ هئا جيڪي اسان نه ڪڍي سگهياسين. واضح رهي ته اسڪولن ۾ اڪثر ڪتابن جي کوٽ ھوندي آھي شاگردن کي نه ملي سگهندا آھن واهه ۾ ڪتابن جو لڙھڻ تعليم کاتي جي نااهلي آهي.