گمبٽ (ن پ ا) اڳڙا ٿاڻي جي حد نئون ڳوٺ پٺاڻو ۾ زال آسيه ٻرڙو ۽ بشير ٻرڙو ۾ گھرو اڻبڻت سبب طلاق ٿيڻ بعد ايڊيشنل سيشن جج گمبٽ جي عدالت معصوم نياڻي کي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته معصوم نياڻي رڙيون ڪندي رهي ته هڪ دفعو بابا سان ملڻ ڏيو ۽ بابا سان ڀاڪر پائڻ ڏيو، نينگري جي جذباتي ۽ هانءُ ڏاريندڙ رڙيون ٻڌي ٿاڻي تي بيٺل پٿر ماڻهون به روئي پيا. پر طلاق ٿيڻ بعد نياڻي جي امڙ ۽ پوليس معصوم نياڻي کي پيءُ سان ملڻ نه ڏنو ۽ معصوم نياڻي کي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳڙا پوليس ٻڌايو ته زال مڙس ۾ گھرو معاملي تان هڪٻئي سان ناراض ٿيا جن طلاق هڪٻئي کان طلاق ورتي هئي جن کي هڪ معصوم نياڻي جي اولاد هئي جنهن جو گمبٽ جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هو ايڊيشنل سيشن جج معصوم نياڻي کي پنهنجي ماءُ مسمات آسيه ٻرڙو جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته معصوم نياڻي تي پيءُ سان ملڻ لاءِ رڙيون ڪيون ۽ هڪ دفعو پيءُ سان ملايو ته ڀاڪر پائيانس پر سندس امڙ معصوم نياڻي کي پيءُ سان ملڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي گھر روانه ٿي ويا آهن.