نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي لڳ سهڙا اسٽاپ کان وٺي چودڳي لڳ نوان جتوئي وايا ڏيپارجا روڊ زبون حالي جو شڪار هنڌان هنڌان وڏا کڏا پئجي ويا حادثا روز جو معمول بڻجي ويا، ايمرجنسي حالتن ۾ ڪوبه ٽئڪسي يا رڪشا وارو هلڻ کان لاچاري، مختلف ڳوٺن سهڙا، گل محمد ڀٽي، صوفاڻي سيد ڳوٺ، ڪورائي ڳوٺ، سڄڻ سائين جي درگاهه، فريد ديرو پوليس اسٽيشن، ڳوٺ سنجر ڪوريجو، ڏيپارجا ڳوٺ، هوت خان چانڊيو ڳوٺ، حافظ ھارون ڳوٺ، لاشاري ڳوٺ، مٺو بنگلو پوليس اسٽيشن ۽ چودڳي لڳ نوان جتوئي جا ڳوٺاڻا روڊ خراب هجڻ سبب سوين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا. انڪشاف ٿيو آهي ته سهڙا چودڳي وايا ڏيپارجا روڊ سرڪاري رڪارڊ ۾ ڪيترائي دفعا ٺهي چڪو آھي، پر اهو صرف ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڏيکايل آھي پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آھن. سالن کان وٺي ان روڊ جي مرمت ناهي ٿي. شھرين اعليٰ اختيارين کان شفاف انڪوائري جو مطالبو ڪيو آھي.