ڪرونا وبا جي ڪري هٿ آيل موقعا

0
439

2019ع ۾ ڪرونا جي پهرئين مريض جي نشاندهي چين جي شهر ووهان ۾ ڊسمبر 2019ع ۾ ٿي. ڪرونا جي چين کان ٻاهر پهرين مريض جي تشخيص فيبروري 2020ع ڌاري ٿائلينڊ ۾ ٿي. انهي بعد ڪرونا پوري دنيا ۾ پکڙجي هڪ وبائي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. دنيا جو اهڙو ملڪ نه هيو جنهن ۾ اها وبا نه پهتي هجي. جڏهن هي ڪالم لکجي رهيو آهي ان وقت صحت جي عالمي اداري جي انگن اکرن مطابق هن وقت تائين سموري دنيا ۾ 19 ڪروڙ 45 لک 55 هزار ۽ 165 ماڻهو ڪرونا جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. هن وقت تائين 41 71 368 جانيون انهي وبا ۾ اجل جو شڪار ٿي چڪيون آهن. 20 مهينا گذري چڪا آهن، پر انهي وبا جو خاتمو ڪونه ٿو ٿئي. جيتوڻيڪ انهي وبا جي وئڪسين به اچي چڪي آهي ۽ دنيا ۾ تيزي سان انهي جو استعمال به ٿي رهيو آهي پر ٻئي پاسي ڪرونا جو جراثيم پنهنجون شڪليون مٽائيندو پاڻ کي وڌيڪ طاقتور ڪندو ٿو رهي. ڏکڻ آفريڪا جي ڪرونا واري نموني بعد هن وقت خاص طور ايشيا ۾ هندستاني ڪرونا جو نمونو ڊيلٽا جي نالي سان هڪ خطرناڪ موتمار شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. ٻي دنيا انهي مان هن وقت ايتري پريشان ڪونهي ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به ٻاهرئين شخص جي داخل ٿيڻ لاءِ جيڪي طور طريقا اختيار ڪري ورتا آهن انهن تي سختي سان عمل ٿي رهيو آهي. ڪيترن ئي ملڪن پنهنجون هوائي جهازن جون اڏامون انڊيا سان بند ڪري ڇڏيون جنهن ڪري انهي ڊيلٽا جو نمونو ڪيترن ملڪن ۾ داخل ئي ڪونه ٿي سگهيو آهي. آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي مڪمل روزمره جي معمول واري زندگي شروع ڪري ڇڏي آهي، پر اسين آهيون جو اڃا توڻي پهرين واري ڪرونا جي نموني مان جان آجي ڪرائي ڪونه سگهياسين، مٿان وري هي ڊيلٽا جو هندستاني نمونو اچي مٿي ۾ لڳو آهي.
سموري دنيا جيڪي پروٽوڪول لاڳو ڪيا انهن تي سختي سان عمل به ڪيو جيتري تيزي سان شروع ۾ اتي انساني جانين جو وڏو نقصان ٿيو اوترو جلدي انهن پنهنجي روين کي سڌاري پاڻ کي انهي وبا سان منهن ڏيڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو. اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ وئڪسين ٿيل هجڻ جي باوجود 72 ڪلاڪن جي اندر ڪرونا جي نيگيٽو ٽيسٽ نتيجن کان کان سواءِ ڪنهن مسافر کي جهاز ۾ ويهڻ جي اجازت ئي ڪونه ڏئي رهيو آهي. ٻئي طرف اسان جو ملڪ آهي جو افغانستان ۾ موجوده وقت جيڪا صورتحال آهي انهي ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي لکين ماڻهو بنا ڪنهن ڪرونا جي تشخيص جي پاڪستان اندر داخل ٿي ويا. انهن مان ڪير دهشتگرد آهي يا ناهي انهي جي تشخيص ته ڪونه ڪئي وئي پر اهو به ڪونه ڪيو ويو جو انهن کي بارڊر تي بيهاري وئڪسين ته ڪن ها. جيڪي ماڻهو پوليو جا ڦڙا پيئڻ لاءِ تيار ڪونهن يقين ڄاڻو انهن مان ڪو هڪڙو به شخص ڪرونا جي وئڪسين ٿيل ڪونه هوندو. انهي کان سواءِ هي جيڪو هندستاني ڪرونا جو نمونو پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو آهي اهو ڪٿان آيو؟ اهو هوا ۾ ته ڪونه سفر ڪري آيو هوندو ڇاڪاڻ ته ڪرونا وائرس صرف ۽ صرف هڪ انسان مان ٻئي انسان ۾ منتقل ٿئي ٿو. انهي جو مطلب اهو ٿيو ته هندستان مان سفر ڪري ڪو سڌي ريت پاڪستان ۾ انسان داخل ٿيو هوندو جنهن کي ڊيلٽا جي نموني وارو ڪرونا جو جراثيم لڳل هوندو يا وري هندستان مان ڪنهن ملڪ جي رستي ڪو شخص يقينن هتي آيو هوندو جنهن کي اهو جراثيم لڳل هوندو. هن وقت ڊيلٽا جي نموني وارو ڪرونا جو جراثيم تيزي سان ڪراچي ۾ پکڙجي رهيو آهي. انهي خطري سبب سنڌ سرڪار سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر سخت لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو عمل يقيني طور ترت انهي وبا جي پکڙجڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بهتر آهي پر ڇا انهي اعلان بعد انهي تي جملي عمل هر هنڌ ٿئي به ٿو يا رڳو انهي جو عمل صرف ۽ صرف تعليمي ادارن تي ٿئي ٿو؟ سنڌ ۾ مارچ 2020ع کان ڪرونا سبب تعليم جو نظام متاثر ٿيڻ شروع ٿيو. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيز بند ٿي ويون ڪجهه وقت لاءِ آن لائن تعليم جي سرشتي کي عمل ۾ آندو ويو پر اهو سواءِ ڪن چند يونيورسٽين جي ڪٿي به ڪامياب نه ٿي سگهيو. جنهن ملڪ ۾ بجلي هر وقت ميسر نه هجي 12 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ هجي، انٽرنيٽ ڪمي جي رفتار سان هلندو هجي اتي جديد طرز جي تعليمي نظام سان ڪجھ حاصل ڪرڻ تمام مشڪل عمل آهي. انهي سموري ڪرونا واري مدي ۾ اسڪولن ۾ ٻارن ڇا پرايو هوندو انهي جو اندازو هر گهر ۾ ويٺل انهن والدين کي يقينن هوندو جن جا ٻار اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا پر هڪ يونيورسٽي جي استاد جي حيثيت ۾ مون جيڪو نتيجو حاصل ڪيو آهي اهو اوهان سڀني سان هتي ونڊي رهيو آهيان.ڪرونا جي وبا جي مدي ۾ مون جيڪي به ڪلاس ورتا انهن ۾ شاگردن جي آن لائين شرڪت رسمن رهي. جڏهن به ڪنهن شاگرد کان ڪو سوال پڇبو هو ته انهي جو جواب ۾ آواز نه ايندو هو ۽ اڪثر طور انهي جو ميسيج ايندو هو ته سائين مائيڪ خراب آ. جڏهن کيس چوندو هئس ته لکي جواب ٻڌاءِ ته شاگرد جو نيٽ ورڪ ڊائون ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شاگرد جو اڳواٽ ئي نياپو اچي ويندو هو ته سائين اسان جي شهر ۾ توها ن جي ليڪچر واري وقت لوڊشيڊنگ آهي. کيس نياپو ڪندو هئس ته پنهنجي موبائيل تان ڪلاس ۾ شرڪت ڪريو ته جواب ايندو هو سائين فون ۾ پئڪيج ڪونهي. اهڙا ڪيترا ئي ٻيا انيڪ مسئلا جيڪا حقيقيتن تي مبني به هوندا هئا ته ڪي من گهڙت به پر حاصل مطلب اهو ته آن لائين تعليم جو ڪو خاص فائدو اهڙو نه پيو جنهن تي چئجي ته اسان ڪرونا سبب ٽيڪنالجي جي واهپي ۾ هڪ قدم اڳتي نڪري ويا سين. ڪيترا ڪاروبار آفيسن جي بدران گهرن مان هلائڻ جي تجربي بعد انهن کي خبر پئي ته سندن ڪاروبار لاءِ آفيس جو خرچ ۽ انهي ملڪ ۾ رهندڙ فرد جي ڊالرن ۾ پگهار ۽ ٻيا ڪيترا خرچ خواه مخواه آهن. بنا آفيس جي گهران ويهي سندن آفيس جو ڪم ڪير به دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح انهن پنهنجي ڪاروباري طرز کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ڪيترائي نوان سافٽ ويئر جهڙوڪ زوم ايترو ته تيزي سان استعمال ٿيڻ لڳا جو انهن جو واهپو ڪندڙن جو تعداد ڪروڙن تي وڃي پهتو. ملڪن جي تعليم جو جديد نظام اڃا ويتر بهترين ٿيڻ شروع ٿي ويو پر اسان وٽ هن وقت تائين اهو نه طئي ٿي سگهيو ته آن لائين تعليم ورتل شاگردن جوامتحان ڪيئن ورتو وڃي؟ سنڌ جي امتحاني بورڊن جو باوجود انهي جي جو ڪاپي جو رجحان وڌيڪ هجي ٿو پر انهي کي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين موقعو هيو جي اسين انهي امتحاني سرشتي ۾ ڪو سڌارو آڻي سگهون ها. هڪ طرف شاگردن جو اهو بهانو ته اسان ڪجھ پڙهيو ڪونهي امتحان ڪيئن ڏيون مٿان وري اڳواٽ ئي ڪاپي جو ڪلچر انهي ويتر سموري تعليمي نظام کي ڪمزور ڪري وڌو آهي. سموري ملڪ ۾ ڪو به اهڙو ٽاسڪ فورس نه ٺاهيو ويو جيڪو تعليمي ماهرن، ٽيڪنالاجي جي ماهرن ۽ وبائي بيمارين جي ماهرن تي مشتمل هجي ها. انهي ٽاسڪ فورس جي سوچ ويچار بعد ڪو نظام تعليم جو ترتيب ڏجي ها ته ڪيئن ڪلاس ورتا ويندا ۽ ڪهڙي ريت امتحان ورتا ويندا. انهي سان گڏوگڏ سرڪار ڪو به انهي جو بندوبست نه ڪيو ته جيڪڏهن تعليم کي آن لائين ئي ڪرڻو آهي ته انهي لاءِ ڪهڙيون سهولتون ۽ رعايتون شاگردن کي ڏئي انهي رجحان کي وڌايو وڃي ها. هن وقت وري ڪرونا جي انهي نئين لهر ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر تعليم ئي ٿيندي پر هن وقت به سرڪار وٽ انهي لاءِ معقول حل ڪونهي، بس اهو اعلان آهي ته تعليمي ادارا بند رهندا.