طفيل مگسي

دوکو هڪ اهڙي بدي آھي جيڪا بائونس بيڪ ڪندي آھي؛ يعني اها بلڪل نيوٽن لا جي مطابق ته دوکو هڪ ڏينهن دوکي ڏيڻ واري ڏانهن ضرور واپس موٽي ايندو آھي. ۽ ان جي شدت به ايتري ئي هوندي آھي جيتري شدت سان ڪير ڪنهن کي دوکو ڏيندو آھي. جهڙي ريت اوهان هن وقت پاڪستان ۽ امريڪا جي تعلقات کي ڏسي رهيا آھيو ته پاڪستاني اختياريون 9/11 کانپوءِ امريڪا کان پئسا وٺي امريڪا جي لاءِ طالبان جي خلاف دهشتگردي واري جنگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ليڪن ڏٺو ويو ته اهي انهيءَ اکٻوٽ واري راند ۾ طالبان سان به مليل هئا؛ جنهن جو پاڻ امريڪي هاڻي اظھار پڻ ڪري رهيا آھن ته پاڪستان جي ايجنسي افغانستان جي دهشتگردي واري جنگ ۾ نه صرف طالبان کي اسٽريٽيجڪ سپورٽ ڪندي رهي بلڪ هٿيار پڻ پهچائيندي رهي.
ان ڪري امريڪا هڪ پلان جوڙيو جيڪو هن ريت هو ته پاڪستان جي ايجنسي کي ڌڪ رسائڻ جي لاءِ هن پاڪستاني اختيارن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ذميواري ڏني جيڪا هنن خوشي سان پوري پڻ ڪري ڇڏي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جنرلن کي امريڪي ايوارڊ ۽ ريڊ ڪارپٽ ويلڪم ڏنو جنهن سان هو خوش ٿي ويا.
انهيء سلسلي ۾ ڪورونا جي اوٽ وٺي امريڪا خاموشي سان پنهنجو فوجي سامان افغانستان کان امريڪا ۽ يورپ منتقل ڪيو، جڏھن ته ٿورو اشرف غني ۽ ٿورو مودي کي گفٽ ڪيائين پنهنجي انهي ڪم کان واندو ٿي ڪري پاڪستان کان پنهنجيون اکيون ڦيرائي ڇڏيائين ۽ بنا اختيار ڌڻين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي اوچتو افغانستان کان نڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيائين.جيڪا ڳالھ پاڪستان جي وهم گمان ۾ به نه هئي.
پاڪستان مان ڪو سعودي، ڪو يورپ ۽ امريڪا ڊوڙيو. عمران خان دوست ملڪن کي منٿون ميڙون ڪيون مگر بنا ڪنهن ڌڙڪي جي امريڪا پنهنجي ڌن تي نچندو رهيو ۽ اھو اهڙو دوکو هو جيڪو امريڪا نمبر ون کي وياج سميت موٽائي ڪري پاڻ سان ٿيڻ واري دوکي جو بدلو ورتو.
اوچتو افغانستان منجهان امريڪا جي وڃڻ سان پاڪستان تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا؟؟؟ انهيءَ مامري کي سمجهڻ جي لاءِ اسان کي ماضي ۾ وڃڻو پوندو يعني80ع واري ڏھاڪي ڏانهن جڏھن سوويت يونين، افغانستان کان موڪلايو ته پٺيان افغان ڪمانڊرن ۾ اقتدار جي خاطر ڇڪتاڻ شروع ٿي ۽ افغان وار لارڊز ڪعبي ۾ قسم کڻڻ کانپوءِ به هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪري سگهيا. جنهن جي نتيجي ۾ مولوي يونس جي حڪومت ختم ٿي ۽ طالبان ۽ نادرن الائنس جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي. پاڪستان کي ايترو نقصان روس جي خلاف جنگ ۾ نه پهتو جيترو نقصان طالبان ۽ ڪمانڊر احمد شاھ مسعود جي ناردرن الائنس واري جنگ سان پهتو. طالبان ڪابل تي قابض ٿي ويا ۽ احمد شاھ ھزاره تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.
ياد رهي احمد شاھ جي فوج کاٻي ڌر جا نظريا رکڻ وارن ماڻھن تي مشتمل هئي. افغانستان پختون اسپيڪرز اڪثريت اسلامي سوچ رکڻ واري بنياد پرست ۽ ھزاره جا فارسي اسپيڪنگ ماڻھو کاٻي ڌر جي سوچ رکڻ وارا ڪميونسٽ ھئا.جيڪا صورتحال اڄ تائين جيئن جو تيئن آھي.
مذھب جي نالي تي پشتون ملان عمر جو ساٿ ڏيڻ تي تيار ٿي ويا، جن کي پ پ پ جي نصرالله بابر گڏ ڪيو هو. اهي طالبان اڪثريت ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا سميع الحق جي مدرسن جا جهادي جٿا هئا، جن کي روس جي خلاف وڙھڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو هو. پاڪستان افغانستان تان جنگ ۾ لڏپلاڻ ڪري اچڻ وارن پشتون ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي بجاءِ مدرسن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو جيڪا اختيار ڌڻين جي لوجيسٽڪ هئي. جڏھن ته انڊيا، يورپ ۽ ايران لڏپلاڻ ڪرڻ وارا فارسي ٻارڙا نارمل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھندا رهيا؛ اڄ افغانستان تي انهن ئي ٻارڙن جي حڪومت آھي، جيڪي پاڪستان ۾ نه رهيا. پرجيڪي پاڪستان ۾ رهيا انهن کي طالبان ۽ بنياد پرست سڏيو وڃي ٿو؛ جيڪي 80ع واري ڏھاڪي ۾ پاڪستان جا دوست هئا. ليڪن هن وقت صورتحال بلڪل مختلف آھي ڇو ته پاڪستان انهن سان دوستي به نه نڀائي سگهيو ۽ افغان ڊپلوميٽ به امريڪي فوج کي وڪڻي ڇڏيائين. ان قسم جا ڪارناما خاص ڪري مشرف جي دور حڪومت ۾ پيش آيا.
امريڪا اوچتو افغانستان کان نڪري ڪري پاڪستان جي لاءِ اھائي 80ع واري ڏھاڪي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. جنهن کي طالبان پنهنجي فتح سمجهي رهيا آھن ۽ اھي هڪ ڀيرو وري ڪابل تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھن هوڏانهن ساڳيو ئي نادرن الائنس هڪ ڀيرو وري انهن جي سامهون ٿي بيٺو آھي. جنهن جي نمائندگي اشرف غني ۽ عبدالله عبدالله ڪن پيا.
ٻنهي اڳواڻن جي ڪجھ وقت اڳ امريڪي صدر سان ملاقات پڻ ٿي چڪي آھي. جنهن ۾ اشرف غني پاڪستان جون شڪايتون ڪيون آھن. جيئن مون مٿي بيان ڪيو ته هوڏانهن پاڪستان ۽ طالبان جي وچ ۾ 80ع وارو پيار ۽ محبت ناهي رهي؛ هيڏانهن پاڪستان گري لسٽ ۾ پيل آھي. هوڏانهن انڊيا طالبان جي وچ ۾ پنهنجو اثررسوخ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آھي. هيڏانهن پاڪستان ڪنگال ٿيڻ تي آھي. هوڏانهن طالبان پئسن ۽ ھٿيارن جي آسري ۾ آھن. هيڏانهن نه هينئر ڪو جنرل فضل الحق آھي نه ئي پست جي پوک ڪرڻ وارا هاري نه هيروئن جون فيڪٽريون. پئسا ڪٿان کان اچن. مڃيوسين ته هٿيار ته چين ڏئي سگهي ٿو، مگر مفت ۾ ته نه ڏيندو. اهائي هن وقت جي صورتحال آھي جنهن ۾ ھينئر هي سڀ ڦاٿل نه بلڪ جڪڙيل آھي.
هيڏانهن ڪاريگرن ڪجھ وقت اڳ لاهور ۾ بم ڌماڪو ڪري پاڪستان کي وري گري لسٽ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آھي. جنهن جو مطلب اهو آھي ته ان هڪ پوائنٽ کي ڪليئر ڪرڻ ۾ پاڪستان کي وڌيڪ هڪ سال ساڳئي ڪيفيت ۾ رھڻو آھي. ليڪن طالبان جي ڪري افغانستان ۾ جيڪڏھن گهرو ويڙھ شروع ٿي وڃي ٿي ته پاڪستان بليڪ لسٽ ٿي سگهي ٿو؛ اسان جا پاڙيسري ته اهوئي چاهين ٿا ته بس صرف موقعو ملي.
امريڪا افغانستان کي ڇو ڇڏيو؟
ان مسئلي کي سمجهڻ جي لاء اوهان تاريخ کڻي ڏسو ته سامراج سدائين پنهنجا مفاد عزيز رکندو آھي؛ مفاد هوندو ته گڏھ کي به ابو چئبو. پر جي مفادنه هوندو ته پنهنجي اصلي پيءُ کي به ابو نه سڏيندو.
امريڪا سامراج چين جي وڌندڙ ٻوڏ کي روڪڻ جي لاءِ نئين اسٽريٽجي ٺاھي چڪو آھي. جنهن جو مقصد سي پيڪ جي رنڊ روڪ ڪري سگهجي. جنهن جي خاطر هن پاڪستان ۽ افغانستان جي ڀيٽ ۾ ڀارت کي پنهنجو پارٽنر مقرر ڪيو اٿائين پاڪستان ۾ جيڪڏھن ڪا چونڊيل حڪومت هجي ها ته شايد اها پنهنجي لاءِ ڪي سهولتون حاصل ڪري وٺي ھا. ليڪن ڊمي شا جي حڪومت ۽ بٽ ميني ڪرڻ واري عمران خان وٽ اھا قابليت ئي ناهي ته هو بين الاقوامي سياست کي سمجهي سگهي. ان ڪري هو پاڻي ۾ ٿاڦوڙا ھڻڻ کان سواءِ ڪجه به نٿو ڪري سگهي.
امريڪا جو نئون فوڪس مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا آھي؛ ان ڪري امريڪا پاڪستان ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آھي ڪشمير انڊيا کي ڏيارڻ ۾ به اهائي اسٽريٽجي آھي ته چين کي ڀارت جي ذريعي وايا ڪشمير روڪي سگهجي. پاڪستان جي لاءِ اوچتو پيدا ٿيڻ واري صورتحال نهايت ڀيانڪ آھي؛
غلطين جي باوجود روس ڪالھ به سامراجيت جو دشمن هو ۽ اڄ به سندس دشمن ساڳيو ئي آھي. ۽ اھائي ساڳئي پوزيشن اڄوڪي چين جي آھي.
هاڻي اوهان ڏسي ورتو ته ڪيئن دوکي ڏيڻ واري بدي اوهان جي رستي ۾ ڀيانڪ سچويشن بڻجي ڪري بيهي رهي آھي. جتان کان آلموسٽ خودڪشي ڪرڻ واري نوبت اچي وڃي ٿي..