عبدالحفيظ پلهه

ماڻهو مارڻ ته هاڻي عام ڳالهه ٿي وئي آهي پر ان کي روڪڻ جي ذميوار اداري پوليس ڪجهه به نه پئي ڪري. نوشهروفيروز ضلعي ۾ ته پوليس وري قاتلن جي سهولت ڪار بڻيل آهي. جوابدار گرفتار نه پيا ڪيا وڃن پر جيڪڏهن ڪو جوابدار پاڻ پيش پوندو آهي ته ان جون لاڪ اپ ۾ به مونون ٿي وينديون آهن. سنڌ ۾ روز بروز بيگناھ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آھي عيد جي ٻئي ڏينھن دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ عبدالخالق راڄپر وٽ ھارپو ڪندڙ ڀيل براردي جي ڌرمون ڀيل جي 6 ساله معصوم نياڻي سنڌيا ڀيل کي شادي تقريب مان اغوا ڪري ساڻس جنسي زيادتي بعد مٿس تشدد ڪري گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري لاش کي ڪمند ڀرسان واٽر ڪورس ۾ ڦٽو ڪيو ويو. معصوم نينگري جي قتل سبب ھلندڙ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. ٻانڌي ٿاڻي جي حد جي پوليس معصوم نينگري جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مٿان نينگري جي والد ڌرمون ولد ڪبير مل جي فرياد تي ٻانڌي ٿاڻي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري مک جوابدار کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جڏھن ته ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي ڊي ايس پي دوڙ نثار وساڻ پڻ واقعي واري ھنڌ پھچي جاء واردات جو معائنو ڪيو ۽ وارثن سان تعزيت ڪئي.
ايس ايس پي پاران وارثن کي يقين ڏياريو ويو آهي ته معصوم نينگري سنڌيا جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏياري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو. جڏھن ته وارثن جو چوڻ آھي ته ساجن عرف ساجو ڀيل وارن سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھيو جنھن جو فيصلو به ٿيو مگر ساجن ڀيل واري ڌر فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪيو جنھن سبب نينگري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي.
بيگناھ معصوم نينگري جنھن جي عمر اڃا گڏين سان راند کيڏڻ جي مس ٿي ھئي ته جوابدارن پنھنجي انا خاطر کيس بيدردي سان قتل ڪري معصوم نينگري کان حياتي ۽ سندس وارثن جي چھري جي مرڪ کسي ورتي.
ھوڏانھن ھڪ ھفتو اڳ دريا خان مري جي وارڊ نمبر 4 ۾ مڙس سليمان ملڪ ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال مسمات حاجران ملڪ کي بيدري سان قتل ڪري ٿاڻي تي پھچي گرفتاري ڏني. پوليس جيئن ئي عورت جي لاش وٽ پھتي ته کين نظر آيو ته قتل ٿيل عورت جا ھٿ پير ٻڌل ھيا. پوليس جي بيان موجب ته جوابدار سليمان ملڪ اعتراف ڪيو آھي ته مون فون تي ڳالھائڻ کان پنهنجي زال کي منع ڪيو مگر زال چيو نه مڃيو جنھن تان زال کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو.
لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ ھيو ته قتل ٿيل عورت جو لاش نوشھرو فيروز اسپتال پھچڻ وقت عورت کي قتل ٿئي 6 کان 7 ڪلاڪ گذري چڪا ھئا. شڪ آھي ته کيس بيھوش ڪري قتل ڪيو ويو آھي. جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا آھن رپورٽ اچڻ بعد اصل حقيقت جي خبر پوندي.
ٻئي پاسي پوليس جي ڪارروائي جو اهو حال آهي جو دريا خان مري پوليس پاران جوابدار سليمان ملڪ کي فون سميت سموريون سھولتون فراھم ڪيون ويون آهن ايستائين جو جوابدار جي مرضي جو پرائيوٽ ماڻھو پاران ٿاڻي تي ويڊيو بيان پڻ جاري ڪيو ته مون زال جي رضا خوشي سان کيس قتل ڪيو آھي. بيدردي سان قتل ڪيل عورت جي وارثن وٽ نه ڊي ايس پي پھتو نه ئي ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف لغاري پھتو. جڏھن ته ايس ايس پي هڪ مھينو اڳ قتل ٿيل وڳڻ برادري جي 3 ڄڻن سميت ڪار ڊرائيور لياقت لغاري جي وارثن سان پڻ عذر خواھي ناھي ڪئي. نه ئي وري ڪيس داخل ٿيڻ باوجود قتل م ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سگھيو آھي. قتل ٿيلن جي وارثن پاران پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو احتجاج کان ھڪ ڏينھن اڳ ڊي آء جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي الطاف لغاري دريا خان مري ٿاڻي تي پھچي مقتولن جي وارثن سان ملاقات ڪري کين يقين ڏياريو ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته 2 ڏينھن ۾ 4 قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو مگر قاتل ھڪ مھينو گذرڻ باوجود گرفتار ناھن ٿي سگھيا ۽ جوابدار سرعام فون ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪري رھيا آھن. قاتل گرفتار نه ٿيڻ سبب دريا خان مري شھر ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آھي ۽ ڪنھن وقت به وڏي خونريزي جو خطرو آھي.
ڳوٺ بھاول زرداري ۾ نوجوان عورت شڪيلان زال سجاد زرداري کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو. عورت جو قتل ڪيس قتل ٿيل عورت جي والد جي فرياد تي قتل ٿيل عورت شڪيلان جي مڙس سجاد زرداري تي داخل ڪيو ويو. پوليس جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو. وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ کي گھرجي ته بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نينگري سنڌيا ڀيل شڪيلان زرداري ۽ حاجران ملڪ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن بيگناھ معصوم نياڻين ۽ عورتن جون زندگيون بچي سگھن ۽ چئن ڄڻن قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن وڌيڪ خونريزي ٿيڻ کان بچي سگھجي.