ڪرمپور ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ ڌرڻو، گاڏين جون قطارون

0
206

ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ مارک بجاراڻي مان اغوا ٿيل عبدالحفيظ بجاراڻي بازياب نه ٿي سگهيو، ڌرڻو، ٺل پوليس 20 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، مغوي جي وارثن سميت علائقي واسين ٺل _ڪنڌڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، احتجاج ڪندڙن مولوي عبدالحفيظ بجاراڻي، فيض محمد بجاراڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته 20 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، ايس ايس پي جيڪب آباد رڳو ٺلها آسرا ڏيئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته مغوي عبدالحفيظ بجاراڻي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.