مايا علي بيٽ سنڀالي ورتي، گهٽي ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ واري وڊيو وائرل

0
373

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مايا علي جي رات ۾ گهٽي ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، ڊرامن ۽ فلمن ۾ شاندار اداڪاري ڪرڻ واري مايا علي هاڻي بيٽ سنڀالي ورتي، مايا علي نه صرف هڪ ذهين ۽ قابل اداڪاره آهي پر هو ڪرڪيٽ راند به سٺي کيڏندي آهي، جنهن جو اندازو ان جي وڊيو ڪلپ سان لڳائي سگهجي ٿو، اداڪاره جي رات جي وقت ڪرڪيٽ کيڏڻ واري وڊيو انسٽا گرام تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن کي مداح گهڻو پسند ڪري رهيا آهن، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مايا علي بيٽنگ ڪري رهي آهي، جڏهن ته معروف اسپورٽس اينڪر فيضان نجيب هن کي بالنگ ڪرائي رهيو آهي، اداڪاره سان گڏ سندس ٻيا دوست به موجود آهن.