وڪيٽ خشڪ آهي وڏو اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي:بابر

0
355

هراري: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته وڪيٽ خشڪ آهي وڏو اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بابراعظم چيو ته پنهنجي ناڪامي تي افسوس آهي جڏهن سينئر بيٽسمين اظهرعلي جو فارم ۾ واپس اچڻ سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته ڪوشش ڪبي مئچ هٿن مان نڪرڻ نه ڏنو وڃي. هن چيو ته فهيم اشرف کي آرام ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. تابش کي به ڏسڻ چاهيون ٿا.