ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تان اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور منظور سولنگي جي بازيابي لاءِ ناپرڪوٽ پوليس ڳوٺ گلو ميراڻي تي چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو، آپريشن دوران جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، پوليس ٽن عورتن سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. مغوي هٿ نه اچي سگهيو، پوليس چوپايو مال پڻ ڪاهي آئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ناپرڪوٽ ٻڌايو ته مغوي جي بازيابي لاءِ مختلف هنڌن تي سرچ آپريشن ڪيو آهي مغوي هٿ نه اچي سگهيو آهي شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن مغوي جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو.