ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان عبدالڪريم بروھي کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، مغوي نوجوان جي وارثن عبدالله بروھي، رفيق بروھي ۽ ٻين ٻڌايو ته منگلي ۽ ورڪشاپ پوليس هن وقت تائين نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن چيو ته نوجوان کي روڊ تان سرعام اغوا ڪيو ويو پر پوليس ڪجهه ناهي ڪيو، هنن نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.