ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪندي رحيم يار خان جي رهائشي 6 ڄڻن کي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب رحيم يار خان جي رهائشي 6 ڄڻن محمد شبير کوکر،آصف علي ڀٽي،محمد پرويز کوکر،محمد اقبال کوکر،محمد اسلم ڀٽي،اڪبر علي کوکر کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو.پوليس موجب ڏوهارين پاران سيوڻ شريف جي ميلي ۾ دوستي رکي ميلي تان واپسي مهل فون نمبر ڏيئي ڪچي طرف دعوت کائي وڃڻ جي بهاني گهرائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڏوهارين جي اهڙي منصوبي کي پوليس ناڪام بڻائي ورتو.پوليس موجب ايس ايڇ او اي سيڪشن ڪنڌڪوٽ دلي جان مگسي ۽ سندس ٽيم جي ڪامياب ناڪابندي ڪندي جهولي لال اسٽاپ ڀر سان ڪاروائي ڪري هرکجي اغوا ٿين کان بچائي ورتو جن کي پنهنجن پنهنجن اباڻن گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي.