اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملازمن کي بونس جي مد ۾ 6 ارب 23 ڪروڙن جي ادائگي ٿيڻ جو انڪشاف، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملازمن کي بونس جي ادائگي روڪڻ ۽ ان اداري ۾ ماهوار بنيادن تي محڪماڻي اڪائونٽ ڪاميٽي جا اجلاس ڪري خرچن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ جهاز راني وزارت جي مالي سال 2021-22ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملازمن کي بونس جي مد ۾ 6 ارب 23 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي، جنهن تي ڪاميٽي چيئرمين نور عالم خان چيو ته هي غريب ملڪ آهي ۽ آءِ ايم ايف کان خيرات گهري رهيا آهيون پر ملازمن کي هڪ سال بجاءِ ٻن سالن جون پگهارون ڏنيون پيون وڃن، آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته اگر ڪنهن ملازم جي پگهار 8 لک به آهي ته ان کي به ٻه بونس ڏنا وڃن ٿا، هر بونس 4- 4 پگهارن تي ٻڌل هوندو آهي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو چوڻ هو ته پورٽ ٽرسٽ جا 4 هزار ملازم آهن، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 80 هزار رپيا آهي، جنهن تي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملازمن کي بونس جي ادائگي فوري طور تي روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ چيو  ته جنهن بونس ڏيڻ جو حڪم ڏنو ان جي نشاندهي ڪئي وڃي پوءِ ان جو ڪو ذميوار ڪوئي وزير يا فوجي ڇو نه هجي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي محڪماڻي اڪائونٽ ڪاميٽي جا اجلاس طلب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هر مهيني محڪماڻي اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس ڪيو وڃي.