ڪرمنل قانون ۾ ترميمون مڪمل، جج ٽرائل ۾ دير جو سبب ٻڌائڻ جو پابند هوندو: فواد چوڌري

0
222
پي ٽي آءِ پاران اليڪشن

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪرمنل قانون ۾ ترميمون تقريبن مڪمل ٿي چڪيون آهن، جنهن کانپوءِ جج لکت ۾ ٻڌائڻ جو پابند هوندو ته ٽرائل ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت جو هر ڪرمنل ڪيس عمل دخل هوندو آهي ۽ ڏوهن جو خاتمو آڻڻ رياست جي ذميواري آهي، جڏهن ته رياستي مشينري لاءِ ضروري آهي ته عثمان مرزا جهڙا ڪيس کي انجام تائين پهچائي

هن چيو ته ڪرمنل قانون ۾ ترميمون لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪيون آهن، جج لکت ۾ وضاحت ڪرڻ جو پابند هوندو ته ٽرائل ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، ان کان علاوه پوليس ايڪٽ ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن جنهن سان وڏو فرق پوندو

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته عدليه، صوبا ۽ قانون واري وزارت کي گڏ ويهڻ گهرجي، اهي ڪيسز جن ۾ عمومي رياستي عمل متاثر ٿيڻ جو تاثر هجي ان تي هرجاڻي جي اجازت ناهي هوندي

واضح رهي ته اسلام آباد ۾ ناري ۽ نوجوان تي تشدد واري ڪيس ۾ متاثر ڇوڪريءَ جو حلفي بيان منظر عام تي اچڻ کانپوءِ حڪومت ڪيس جي خود پيروي جو فيصلو ڪيو آهي