جن ماڻهن کي روپوش قرار ڏنو وڃي ٿو، اُهي ته چالان ۾ شامل ئي نه هئا: آءِ جي سنڌ

0
176
قتل ۾ ملوث آفيسرز مزا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ مشتاق مھر انساني حقن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيو آھي تھ جن ماڻهن کي روپوش قرار ڏنو وڃي ٿو، اُهي ته چالان ۾ شامل ئي نه هئا

 فريادي جي چوڻ تي ايف آءِ آر ۾ نالا شامل ڪيا ويا، پوليس وٽ ثبوت ئي نه آهن ته اُنهن کي گرفتار ڇو ڪريون؟ آءِ جي سنڌ جو انساني حقن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران وڊيو لنڪ ذريعي بيان ڏنو آھي

سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته شهيد ناظم جي خاندان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ناظم جي زال کي عدت ۾ ويهڻ بدران انصاف لاءِ ڌڪا کائڻا پيا، آءِ جي سنڌ چيو ته عدالت اجازت ڏئي ته شيرين جوکيو کي ڪيس ۾ فريادي بڻائڻ لاءِ تيار آهيون، شهيد ناظم جي وني کي ايندڙ اجلاس ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي