اشو آف دي ڊي حيدرآباد ۾ سنڌي هندن جا گهر ڊاهڻ خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
266
اشو آف دي ڊي حيدرآباد ۾ سنڌي هندن جا گهر ڊاهڻ خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

حيدرآباد ڀرسان سنڌي هندن جا گهر ڊاهڻ خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ گهر ڊهرائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ يعقوب چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيدر آباد ڀرسان هٿيارن جي زور تي سنڌين جي گهرن تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري، ڳوٺ خالي  ڪرائڻ لاءِ هيوي مشينون کڻي مندر ۽ گهر ڊاهيا پيا وڃن، ڪامريڊ امان الله چانڊيو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. پنهل ساريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيدر آباد جي هالا ناڪي ڀرسان هٿيارن جي زورن تي سنڌي ھندن جي گهرن تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي وئي، ڳوٺ خالي  ڪرائڻ لاءِ هيوي مشينون کڻي مندر ۽ گهر ڊاهڻ لڳا، ڊي آئي جي حيدرآباد کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڌاري آبادڪاري سنڌ جي شھرن اندر مافيا جو خ اختيار جي چي آھي،

مندر ڊاهڻ بنيادي طور تي ٻين جي عقيدت تي خطرناڪ وار آھي، اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي ڌرتي تنگ ٿيندي پئي وڃي هن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، آخر اهي ڪهڙا هٿ آهن جيڪي سنڌ جي امن جي پويان هٿ ڌوئي پيا آهن امن جي نگري امن ٿي چاهي هنن ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. جنهن تي ايوب کوسو لکيو ته هنن ڌارين کي روڪڻ گهرجي، ذلفي ميراڻي لکيو ته پوليس ڇا ڪندي؟ اڳتي اچڻو پوندو، بخشل باغي لکيو ته انتظاميا جي ساٿ کانسواءِ هي ڪيئن ظلم ڪري سگهن ٿا، اي ڊي شاهاڻي لکيو ته حڪومت کي سخت ايڪشن کڻڻ گهرجي، جروار علي لکيو ته حيدرآباد جي سڄاڻ ڌرين کي متاثرن سان گڏ بيهڻ گهرجي،

اسد سومرو لکيو ته قانون ڪمزور آهي، حاجي خان جلباڻي، مهتاب سنڌي، رزاق مسڻ، رفيه گلاڻي واقعي جي مذمت ڪئي،  رضوان عباسي ۽ عرفان عالماڻي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، منصور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيدرآباد جي ويجهو سنڌي ھندو ڳوٺاڻن سان ظلم ڪري انهن جي ڳوٺ تي قبضو ڪيو پيو وڃي، جنهن تي غلام شبير لکيو ته ڳوٺ ڊاهڻ جي مذمت ڪجي ٿي، انهن تي ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. بلاول لاکو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ھندن سان ظلم جي انتھا، ھالا ناڪو حيدرآباد ڀرسان سوين گھرن تي مشتمل ٺاڪور ڳوٺ تي زبردستي قبضي جي ڪوشش، فائرنگ تشدد ۾ 3 عورتون ۽ ڪجهه مرد زخمي ٿيا پيا ڪرين مشينن سان ٽي گھر ۽ ھڪ مندر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو مقامي پوليس ۽ ضلعي حيدرآباد جي انتظاميا اطلاع ڏيڻ باوجود بااثرن خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي، حيدرآباد جي چونڊيل نمائندن کي سنڌين جي وارثي ڪرڻ گهرجي.

همٿ مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيدرآباد قبضا مافيا پاران اقيلتي قديمي ڳوٺن کي ھٿيارن جي زور تي خالي ڪرائڻ، مندرن کي ڊاھڻ ۽ نياڻين کي مارڪٽ سميت موت مار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف ھندو برادري پاران پريس ڪلب حيدرآباد جي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. تاج رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيدرآباد ۾ ڌارين جي ان داداگيري جي سخت مذمت ڪندي حيدرآباد انتظاميا کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته ڌارين جي غنڊاگردي جو نوٽيس ورتو وڃي. قبضاگير ۽ داداگير ڌارين خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري ڌرتي ڌڻين جي جان، مال ۽ مذهبي عبادتگاهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هريش سکيجا به ان معامري تي پوسٽ شيئر ڪئي. شاهنواز شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي سياسي، سماجي، مذھبي، قانوني ۽ قومي حقن جون دعويدار تنظيمون ڇا پيون ڪن؟ ڌرتي دڻين سان ٻاھريان هيئن ظلم ڪندا رهيا ته سنڌي پنھنجو وجود به بچائي نه سگھندا.سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي هندو ڪميونٽي مسلسل پريشان آهي انهن جي مندرن تي حملا،عورتن تي تشدد ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.