سوال/سروي ٽنڊوڄام۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 15 شهري فوت: سنڌ سرڪار ۽ پوليس ذميوار آهي، سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي: عوام

0
213
سوال/سروي ٽنڊوڄام۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 15 شهري فوت: سنڌ سرڪار ۽ پوليس ذميوار آهي، سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ٽنڊوڄام۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 12 شهري فوت ٿي ويا، ان جو ذميوار ڪير آهي ؟ اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پوليس ۽ سنڌ سرڪار کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ڪچو شراب واپرائڻ جي ڪري اڳ به ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، پوليس ۽ مقامي انتظاميا ڪي قدم نٿي کڻي، ڪچو شراب وڪڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. سڄاڻ ڌرين کي به ان سماجي برائي خلاف مهم هلائڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته ٻارنهن گهرن جا ڏيئا اجهامي ويا منشيات جيڪي هلائين ٿا يا انهن جي جيڪي سرپرستي ڪن ٿا اهي ذميوار آهن، پوليس ذميوار آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،

دليپ ڪمار لکيو ته پوليس جي لاپرواھي سبب ٽنڊوڄام ۾ ڪچي شراب جو وڪرو عروج تي پھچي ويو آھي ڊي آءِ جي کي گهرجي ته واقعي جو سخت نوٽيس وٺي ۽ منشيات هلائيندڙن خلاف ايڪشن کنيو وڃي، دائود لغاري لکيو ته حد جو ايس پي ذميوار آهي انهن ماڻهن کي سرعام اهڙن شين جي اجازت ڏئي رکي آهي، شاهد ڏاهري لکيو ته اهڙن واقعن تي حڪومت ۽ پوليس ڪردار ادا ڪري، ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي. مطيع الرحمان لکيو ته سماجي ورڪر، استاد ۽ ڊاڪٽر عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪري سگهن ٿا، انهن کي ڄاڻ ڏئي سگهن ٿا، جنهن سان برائي جو خاتمو ٿي سگهي ٿو، سوشل ميڊيا تي به اهڙي آگاهي ڏيڻ گهرجي باقي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف پوليس کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، موهن لال لکيو ته ذميوار پوليس ،نارڪوٽيڪس آهن انهن جي سرپرستي ۾ منشيات عروج تي پهچي وئي آهي اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ نيڪ نيتي جي اشد ضرورت آهي، مٿين سطح تي انتظاميا قانون تي عمل لاءِ سخت قدم کڻي،

ايس جمالي لکيو ته ڪچو شراب نه واپرائڻ گهرجي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته افسوس سڄي سنڌ ۾ مقامي پوليس ۽ وڏيرن جي سرپرستي ۾ ھلندڙ سنڌ اندر ڪچي شراب ۽ ٻين منشياتين سبب ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي ويون آهن ان تي اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، عامر کوسو لکيو ته پوليس جي ذميواري آھي، شيراز چانگ لکيو ته ڪچو شراب سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، اسان وٽ ٽنڊو غلام حيدر جي ٻھراڙي ۾ گھر گھر ۾ ڪچي شراب جون بٺيون آھن، پوليس خاموش آھي حڪومت ذميواري جو مظاهرو ڪري، پوليس تي پريشر وجھي تڏھن ئي ھن ناسور مان جند ڇٽي سگھي ٿي، اعجاز کوسو لکيو ته اعجاز کوسو لکيو ته ذميوار ايس ايس پي، ايس ايچ او آهن، اياز علي راهوجو لکيو ته اھڙا واقعا ڪيترا دفعا ٿي چڪا آهن ڪڏهن به ڪنھن کي سزا نه ملي آھي اِھا پوليس جي ذميواري آھي جوا جا اڏا منشيات ۽بدامني شراب خانه بند ڪرائي. يار محمد ميمڻ لکيو ته ڪچو شراب سڄي سنڌ ۾ عام جام ٿئي ويو آھي،

بلڙي شاھه ڪريم شھر ۾ فڪٽريون قائم ٿي ويون آھن، ھر 5 نوجوانن مان 4 ھن نشي جا عادي ٿي ويا آھن جيڪي مڪمل تباھي جي ڪناري تي پهتل آھن، ڪجهه سياسي ڌريون ان ڪاروبار ۾ ملوث آهن ذميواري تڪ جي ايم پي اي جي آهي ته ڪردار ادا ڪري يا عهدو ڇڏي، بشير ميراڻي لکيو ته سڌو سنئون سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ذميواري آهي پر ھتي انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي. علي اصغر قيصراڻي لکيو ته اسان سڀئي ذميوار آهيون قانون تي عمل ناهيون ڪندا، اسد انڍڙ پنجاب سرڪار کي ذميوار قرار ڏنو، ظفر رند لکيو ته منشيات پوليس جي نگراني ۾ هلي رهيو آھي ذميوار پوليس آھي پوليس چاهي ته منشيات تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. عبدالرحمان چانگ لکيو ته اهڙو واقعو اڳ ۾ به ٿي چڪو آهي هڪ نه پر سوين واقعا ٿيا آھن انهن جي ذميوار حد جي ٿاڻي جي پوليس آھي ،پوليس جيڪڏھن قدم کڻندي ته بچاءُ ٿي سگهي ٿو، جي ايچ بروهي لکيو ته حڪمران ذميوار آهن، اشوڪ ڪڇي افسوس جو اظهار ڪيو، ابراهيم خليل لکيو ته ٽنڊي محمد خان ۾ڪافي وقت کان ٺري پيئڻ سبب نوجوان فوت ٿيندا رهن ٿا پر افسوس سنڌ تي طويل حڪمراني ڪندڙ پ پ انساني جانيون محفوظ بڻائڻ جي ڪابه جامع پاليسي ترتيب ناهي ڏني، امجد علي لکيو ته مقامي انتظاميا ۽ سرڪار ملوث آهي اهي ذميوار آهن، حسيب مري لکيو ته ،پوليس جيڪڏھن قدم کڻندي ته بچاءَ ٿي سگهي ٿو،

مسرور شر لکيو ته ڪچو شراب ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين سزا ڏني وڃي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته ڪچي شراب ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي، جي ايم مگسي لکيو ته پوليس ڪارروايون ڪري ۽ ڪچو شراب بلڪل بند ڪرائي، پر پوليس ۽ تڪ جي ذميوار شخصيتن جا ھٿ ھجن ته اها شيءِ بند ٿيڻ بدران وڌي وڃي ٿي، نياز سومرو لکيو ته ايڪسائيز کاتو ۽ صوبائي حڪومت ذميوار آھي، عرفان جروار پوليس کي ذميوار قرار ڏنو، سميع الرحمان لکيو ته اھڙا سوين واقعا ٿين ٿا پر ڪير انهن کي روڪڻ وارو ناهي، رفيق ٿهيم لکيو ته ڪچي شراب جو هي ڪو پهريون واقعو ناهي پهرين به ٽنڊو ڄام ۾ 20-22 ماڻهو فوت ٿيا هئا ٽنڊو محمد خان ۾ سو جي لڳ ڀڳ ماڻهو ٺرو واپرائڻ سبب زندگي وڃائي ويٺا هئا پر اثرائتي ڪاروائي ناهي ٿيندي پوليس خاموش ويٺل آهي، حد جي ايس ايس پي ۽ ايس ايچ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، حاجي خان پنهور لکيو ته سڄي سنڌ ۾ اهڙو آزار آهي، گڙڌاري لال لکيو ته پوليس جو ڪردار آهي.