ڪرسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. نيوزيلينڊ ٻن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي. سريلنڪا جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 355 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. ڪوسل مينڊس 87 ۽ ڊيمت ڪرونارتني 50 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 5 ۽ ميٽ هينري 4 وڪيٽون ورتيون. نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 373 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. ڊيرل مچل 102، ميٽ هينري 72 ۽ ٽام لاٿم 67 رنز ٺاهي نمايان رهيا. سريلنڪا طرفان اسيٿا فرنندو 4، لهيرو ڪمارا 3 ۽ ڪاسن راجيٿا 2 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪا ٻي اننگ ۾ 302 رنز ٺاهي نيوزيلينڊ کي 285 رنز جو هدف ڏنو. اينجليو ميٿيوز 115 رنز ۽ ڌننجايا 47 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ طرفان بلير ٽڪنر 4، ميٽ هينري 3 ۽ ٽم سائوٿي 2 وڪيٽون ورتيون. نيوزيلينڊ 284 رنز جو هدف 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڊيرل مچل 81 رنز ٺاهيون، ڪين وليمسن 121 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. ڊيرل مچل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.