لاس اينجلس(شوبز نيوز) باڪس آفيس تي 100 ملين ڊالرز جو رڪارڊ بزنس ڪندڙ هالي ووڊ فلم “ايوري ٿنگ ايوري ويئر آل ايٽ ونس” اڪيڊمي ايوارڊز ۾ بهترين فلم سميت 7 وڏا ايوارڊز پنهنجي نالي ڪري ورتا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب لاس اينجلس ۾ 95 هين اڪيڊمي ايوارڊز جو رنگارنگ ميلو سجايو ويو جنهن جي ميزباني جمي ڪمل ڪئي، اڪيڊمي ايوارڊز لاءِ نامزد ٿيندڙ ملائيشيا جي فلم “ايوري ٿنگ ايوري ويئر آل ايٽ ونس” بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ کٽڻ سان گڏوگڏ بهترين هدايتڪار، بهترين اداڪار ۽ اداڪارا، بهترين مددگار اداڪار ۽ اداڪارا جهڙا وڏا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. بهترين اداڪار جو ايوارڊ فلم “دي وهيل” لاءِ برينڊن فريزر جي نالي رهيو، جڏهن ته مشيل يو ڪو فلم “ايوري ٿنگ ايوري ويئر آل ايٽ ونس” لاءِ بهترين اداڪارا جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ٻئي طرف جرمن فلم “آل ڪوائٽ آن دي ويسٽرن فرنٽ” 4 ايوارڊ کٽي بئي نمبر تي رهي.