مانجهند (ن پ ا) مانجهند ۾ نيشنل اڪيڊمي پرفانس آف آرٽ جي تعاون سان “ڀرم” نالي سان اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو، اسٽيج ڊرامي جو ڪهاڻيڪار ۽ ڊائريڪٽر نظر رونجهو هو. جڏھن ته اسٽيج ڊرامي ۾ شاهه اويس، آرٽ سرڪل جي مقامي نوجوان اداڪارن رفيق احمد ملاح، شاهنواز شاهاڻي، اصغر مڱڻهار، رفيق ملاح، شاهزيب عمراڻي ۽ ٻين اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري پنڊال ۾ ويٺل سوين ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪيو، اسٽيج ڊرامي جو ڪهاڻيڪار ۽ ڊائريڪٽر نظر رونجهو هو، اسٽيج ۽ ٽيليوزن جي نالي واري اداڪار عبدالمنان عباسي، يونس سنائي، حيدر ملاح، محمد صالح ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽيج نون اداڪارن لاءِ هڪ اڪيڊمي طور ڪم ڪري ٿي، اسٽيج ڊرامو پهريون ڏاڪو آھي جتان ٽُپي ماڻهو ٽيليوزن جي اسڪرين تي اچي ٿو.