لاس اينجيلس(شوبز نيوز) دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪندڙ ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جي گيت “ناتو ناتو” بهترين اوريجنل گيت جو آسڪر ايوارڊ کٽي ورتو. مشهور هدايتڪار ايس ايس راجا مولي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ تيلگو زبان جي ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀرپور هٽ فلم “آر آر آر” جي گيت ناتو ناتو آسڪر کٽيندڙ پهريون ڀارتي گيت بڻجي تاريخ لکي ڇڏي آهي. بلاڪ بسٽر گيت 95 هين اڪيڊمي ايوارڊز ۾ ليڊي گاگا ۽ ريحانه جهڙين آمريڪي ڳائڻين جي گيتن کي پوئتي ڇڏيندي بهترين اوريجنل گيت جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي جنهن تي تيلگو فلم انڊسٽري ۾ جشن ملهايو پيو وڃي. ان جي شاندار ٽيمپو ۽ ڪوريوگرافي دنيا جي ڏسندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو ۽ ان کي 95 هين اڪيڊمي ايوارڊز لاءِ نامزد ڪيو ويو. ٻئي طرف ڏکڻ ڀارتي فلم انڊستري جي هڪ ٻي فلم ‘The Elephant Whisperers’ به بهترين دستاويزي مختصر فلم جو ايوارڊ پنهنجي نانءِ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.