لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مينجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ جي حوالي سان حڪومت جو موقف آهي ڀارت جيڪڏهن نٿو اچي ته پاڪستان به نه ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پي سي بي مينجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو ته ڀارت جو موقف آهي ته ايشيا ڪپ پاڪستان مان شفٽ ڪرڻ گهرجي، آءِ سي سي ۽ اي سي سي سان ان معاملي تي ڳالهائڻو پوندو ۽ ڪانه ڪا پوزيشن وٺڻي پوندي. نجم سيٺي چيو ته ان معاملي تي حڪومت کان موقف پڇا ڪيو آهي، حڪومت جو موقف اهو ئي آهي ته ڀارت هيڏانهن نه ايندو ته پاڪستان به اوڏانهن نه ويندو، اسان جي ٽيم کي ڀارت ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن. نجم سيٺي چيو ته بابراعظم نيشنل اسڪواڊ جو ڪپتان برقرار رهندو، هن چيو ته بابراعظم منهنجو ڪپتان آهي هن جي ڪپتاني کي ڪوبه خطرو نه آهي.